SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جنسيات ۽ ادب


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جنسيات ۽ ادب

(Sex and Literature)

جنس انساني زندگيءَ جي مکيه ڪرداري محرڪن ۽ وارتائن مان هڪ آهي. انهيءَ ڪري زندگيءَ جي ترجماني ڪندي ليکڪ ’سيڪس‘ (sex) ۽ ان سان لاڳيل گوناگون مظاهرن جي تصوير ڪشي مزي خاطر نه پر حقيقت نگاريءَ طور ڪندو آهي. هن ڍنگ جي لکڻين ۾ هڪ معيار، ادبي سونهن، دلڪشي ۽ جنم وٺندڙ جمالياتي لطف هڪ اتم معيار بڻجي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ معيار تي تخليق پنهنجي پرک ڪرائي سگهي ٿي ته پوءِ ادب ۾ جنس نگاريءَ کي عيب قرار نٿو ڏئي سگهجي. ادب ۾ جنس جي باري ۾ بنيادي مونجهارو انهيءَ وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن ادب ۾ جنس ۽ فحش نگاريءَ (Pornography) کي ملائي پيش ڪيو وڃي ٿو. سيڪس ٻنهي قسمن جي لکڻين ۾هوندي آهي مگر ليکڪن جا متا ڌار ڌار هوندا آهن. ادب ۾ جنس نگاري موضوع جي صورت ۾ هجي يا واقعن جي روپ ۾، اوٽ ۾ هجي يا چٽي هجي، جنس جو لاڙو سڏجي ٿي. نقادن جو چوڻ آهي ته ادب ۾هر قسم جو جنسي موضوع ڪم آڻي سگهجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته ان مان لذت يا آنند وارو احساس نه اڀري. انهيءَ جي ابتڙ فحش نگاري (بڇڙائي) ”جنس برائي جنس“ آهي. ادب ۾ جنس جو نظريو فرائڊ لاڳو ڪيو هو. سنڌي ادب ۾ زرينه بلوچ (جيجي)، خير النساءِ جعفري (حويليءَ کان هاسٽل تائين)، ماڻڪ (لڙهندڙ نسل)، غلام نبي مغل (ريشمي وار)، وشنو ڀاٽيا ۽ اردو ادب ۾ سعادت حسن منٽو، عصمت چغتائيءَ جا نالا اهم آهن.


Remember Me Also:

کائڙ

اسم خاص. ٿر ملڪ جو اُتر اوڀر وارو وڏو ڀاڱو ، کائُر ، کاوُر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal